پي ٽي آءِ جو قومي اسيمبلي اجلاس جو بائيڪاٽ، پارليامينٽ ٻاهران علامتي اجلاس



اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو ۽ پارليامينٽ ٻاهران علامتي اجلاس لڳايو، صدارت اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ڪئي. اسد قيصر چيو اسان ٻوڏ متاثرين سان گڏ آهيون، اسان سان ٿيندڙ ظلم خلاف واڪ آئوٽ ڪيو، قائمه ڪميٽين تان به استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن. علامتي اجلاس ۾ باني پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ نعرا هنيا ويا، بيرسٽر گوهر چيو اسان جا حق پارليامينٽ مان ڦريا ويا آهن تنهنڪري عوامي اسيمبلي لڳائي آهياسپيڪر اياز صادق چيو ٻوڏ تي بحث ٿي رهيو آهي، جن ميمبرن جا علائقا متاثر آهن انهن کي ڳالهائڻ گهرجي، واڪ آئوٽ ضرور ڪريو پر ٻوڏ جي صورتحال تي حصو وٺو. نور عالم خان چيو پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه 12 ماڻهن کي به نه بچائي سگهي، غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيز کي اين او سيز ڪير ڏنيون آهن؟ ريلوي وزير حنيف عباسي چيو وزيراعظم جو چين ۾ استقبال ڏسڻ وٽان هو، شهباز شريف جي پرڏيهي پاليسي بهترين آهي. سائره افضل تارڙ چيو منهنجي ضلعي حافظ آباد جا سوين ڳوٺ ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، فصل تباهه ٿي ويا، گليشيئر تيزي سان پگهرجي رهيا آهن، جيڪڏهن قدم نه کنيا ويا ته تباهي وڌندي.