پي ٽي آءِ چيئرمين کي 9 مئي واقعن جي حوالي سان راولپنڊي جي ٽئين ڪيس ۾ به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڳ کان داخل ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو. حساس جڳهين ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس سول لائين ٿاڻي ۾ داخل ٿيل آهي.اهڙن حساس هنڌن تي حملن جي لاءِ ڪارڪنن کي چڙ ڏيارڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب 9 مئي تي سياسي پارٽي جي ڪارڪنن حساس هنڌن جو گيٽ ڀڃي اندر داخل ٿيا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي. سياسي پارٽي جي ڪارڪنن سرڪاري گاڏين، موٽر سائيڪلن تي پيٽرول بم اڇلائي باهيون ڏنيون هيون.اڳ کان داخل ڪيس ۾ عارف عباسي، زياد ڪياني، اجمير خان، سمير ۽ 20 کان وڌيڪ جوابدار نامزد آهن. ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جي ايڇ ڪيو حملي، حساس اداري جي آفيس تي حملن واري ڪيس ۾ اڳ ئي نامزد ڪيو ويو آهي. جي ايڇ ڪيو تي حملي جو ڪيس آر اي بازار ٿاڻي جڏهن ته حساس اداري آفيس تي حملي جو ڪيس نيو ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ٿيل آهي.