پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ مٿان حملي جو ڪيس: عدالت عمران خان کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت عمران خان سميت ٻين جوابدارن خلاف پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ مٿان حملي واري ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا.2014 ۾ اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻن دوران مڇريل ماڻهو پي ٽي وي جي هيڊ ڪوارٽر ۽ پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿيا هئا جنهن سبب عمران خان ۽ طاهرالقادري سميت ٻين جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ شريڪ جوابدارن دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي. جنهن ۾ لاڳاپيل عدالت جي جج جواد عباس حسن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جنهن جي تحت عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا.آڪٽوبر 2020 ۾ عمران خان کي ڪيس مان بري ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري اشتهاري آهي ان کان علاوه موجوده صدر ڊاڪٽر عارف علوي به هن ڪيس ۾ نامزد آهي پر کيس عهدي سبب ملندڙ ڇوٽ جي ڪري ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.وفاقي حڪومت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ مٿان حملي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بريت جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳ ئي اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.