پٽن ڊاڪ واري هنڌ لينڊ سلائيڊنگ سبب قراقرم شاهراهه هر قسم جي آمدرفت لاءِ بند ٿي وئي، جنهن ڪري سخت ٽريفڪ جام پيدا ٿيو ۽ وڏي انگ ۾ سياح ۽ مسافر رستي ۾ ڦاسي پيا.شاهراهه بند ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ زميني رابطو عارضي طور معطل ٿي ويو. پاڪ-چين بارڊر تي گهمڻ لاءِ ويل ڪيترائي سياح پڻ مختلف هنڌن تي ڦاسي پيا.
مقامي پوليس موجب ملڪ جي مختلف علائقن مان گلگت بلتستان ويندڙ گاڏيون ۽ ڪيترائي مسافر شاهراهه تي بيٺل آهن. ڦاٿل ماڻهن ۾ ٻار، عورتون، بزرگ ۽ شاگرد پڻ شامل آهن.مسافرن پنهنجي مدد پاڻ تحت ننڍين گاڏين جي گذر لاءِ رستو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته قراقرم شاهراهه جي ٻنهي پاسن تي مال بردار ٽرڪن ۽ ٻين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن. لاڳاپيل ادارا لينڊ سلائيڊنگ جو ملبو هٽائي شاهراهه کي جلد بحال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن۔