پ پ اڳواڻ لطيف کوسه کي پيپلز لائرز فورم جي صدارت تان هٽايو ويو

لاهور: پارٽي تي تنقيد ۽ مخالف بيان ڏيڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي سينئر اڳواڻ لطيف کوسه کي پيپلز لائرز فورم جي صدارت تان هٽائي ڇڏيو.پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري کي پي ايل ايف جو وقتي صدر بڻايو ويو آهي. لطيف کوسه حڪومتي ۽ پارٽي پاليسي تي لاڳيتو تنقيد ڪري رهيو هو. سردار لطيف کوسه پ پ دور ۾ اٽارني جنرل، پنجاب جو گورنر ۽ سينيٽرز به رهيو. هو پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر به آهي.ذريعن موجب لطيف کوسه تحريڪ انصاف خلاف پ پ پاران کنيل قدمن تي سخت تنقيد ڪندو رهيو. پارٽي قيادت لطيف کوسه کي ڪيترائي ڀيرا پارٽي پاليسي خلاف بيان ڏيڻ کان روڪيو هو.