پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جي ٻن ورهين جي پوٽي سوئمنگ پول ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي.افسوسناڪ واقعو حيدرآباد ۾ مولا بخش چانڊيو جي پٽ مهراڻ چانڊيو جي رهائشگاهه تي پيش آيو.گهرڀاتين موجب ٻارڙي سوئمنگ پول ڀرسان کيڏي رهي هئي ته ان دوران پول ۾ ڪِري پئي.ٻارڙي کي اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.