سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن طرفان ڪالهه ڪيل احتجاج کان پوءِ ڄامشورو پوليس مظاهرين تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب سرڪار پاران سب انسپيڪٽر محمد سليم پنهور جي فرياد تي 37 سڃاتل ۽ 63 نامعلوم مظاهرين مٿان ڄامشورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ دهشتگردي، حراس پکيڙڻ، هنگامي، ڊيوٽي اٽڪاءُ، پوليس کي مارڻ جي ارادي سان پٿراءُ ڪري پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ انڊر سيڪشن، 324, 353, 343, 147,148,149, 427 پاڪستان پينل ڪوڊ، 6/7 تحت جا قلم شامل ڪيا ويا ڪيس ۾ جسقم آريسر جو مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنا به نامزد ڪيو ويو پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ سڃاڻپ ڪيل شاگردن ۾ مور شاھ، شيراز جمالي، ساحل جمالي، درياھ خان ڪورائي، ثقلين سنڌي، زاهد ڪيريو، شهباز سوهو، عديل لغاري، ياسين جتوئي، نظير کوسو، ساحل آزاد، فيصل وڳڻ، بشير بروهي ۽ ٻيا شامل آهن. احتجاج ۾ شامل آئوٽ سائيڊرن مير جان سنڌي، ياسين لنڊ، شعيب سنڌي، شبير ملڪ، حسيب ميمڻ، فراز دراوڙ، ميصم سنڌ يار، غني اعواڻ، وزير لغاري، منصور بليدي، جگنو جمالي، ياسر شر، ياسر برفت، ناصر جهلڻ، محمد يوسف جکراڻي، نسيم ميمڻ، جگديش ڪمار، ڪاشف، ذوالفقار ملڪ، عبدالفتاح چنا کي به نامزد ڪيو ويو ڄامشورو ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ پوليس جي سب انسپيڪٽر(فريادي) ٻڌايو ته شاگردن جي ڌرڻي جي اطلاع تي پهتاسين، جيڪي شاگرد سينٽرل لائبريري کان سنڌالاجي سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي لاءِ اچي رهيا هئا ، فريادي موجب شاگردن کي پرامن طريقي سان سمجهايوسين ته سنڌ يونيورسٽي اندر پنهنجو احتجاج ڪيو، انڊس هاءِ وي کي بلاڪ نه ڪيو، پر شاگردن اسان جي هڪ به نه ٻُڌي، شاگردن زبردستي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو، پوليس تي پٿراءُ ڪيو، خوف حراس پکيڙيو ۽ پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪيو.