ڄامشوري : جي ٿاڻي بولا خان جو ايس ايڇ او ٿاڻي ۾ گٽڪو کڻي ويندي پڪڙجي پيو.ايس ايس پي ڄامشورو فرخ رضا صحافين کي ٻڌايو ته ٿاڻي بولا خان جو ايس ايڇ او ظهير سولنگي ڪوٽڙي کان پنهنجي نجي ڪار ۾ پرڏيهي گٽڪو کڻي وڃي رهيو هو.سندس موجب اطلاع تي پوليس تلاشي دوران ڪار مان وڏي مقدار ۾ گٽڪو سپاري برآمد ڪري ايس ايڇ او کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو.