چونڊن جي تاريخ جو بهانو بنائي آئين سان کيڏيو پيو وڃي: عارف علوي

اسلام آباد: صدر عارف علوي چيو آهي ته چونڊن جي تاريخ جو بهانو بنائي آئين سان کيڏيو پيو وڃي. هن وقت ڪوبه معاملي کي اُڪلائڻ لاءِ تيار ناهي.صدر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ هن وقت اتحادي حڪومت ناهي پر ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ آهي ۽ ائين مهسوس ٿي رهيو آهي ته هنن کي ڪو سهارو ملي رهيو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ صدر عارف علوي چيو ته جنرل باجوه جي واڌ جي معاملي تي عمران خان کان سوال ڪريو؟ عمران خان جي خطن تي آرمي چيف سان ڪابه ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. صدر چيو ته عمران خان آصف علي زرداري بابت الزامن جو مون سان ڪوبه ذڪر ناهي ڪيو.هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري سان ملڪ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. چونڊن ۾ دير جي معاملي تي مان گورنرز جي خلاف ڪابه ڪارروائي نٿو ڪري سگهان.