چيمپين ٽرافي 2025 جي فائنل ميچ تي 5 هزار روپين کان ڪروڙين اربين روپين جي سٽي بازي جو انڪشاف ٿيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڀارت کي فيوريٽ قرار ڏنو پيو وڃي. سٽي بازي ۾ ملوث ڪيترن ئي وڏن بڪيز جو تعلق انڊر ورلڊ سان ٻڌايو پيوڃي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بدنام زمانه ڊي ڪمپني جو به دبئي ۾ ٿيل وڏي ڪرڪيٽ ميچز جي سٽي بازي ۾ عمل دخل آهي. ڪيترائي مشهور بڪيز به موجود آهن. رپورٽن موجب چيمپين ٽرافي جي دوران دهلي پوليس جي ڪرائيم برانچ پنج وڏن بڪ ميڪرز کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جن جي قبضي مان اليڪٽرانڪ ڊيوائسز ۽ بيٽنگ ۾ استعمال ٿيل اوزار به هٿ ڪيا ويا آهن.