اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته چين جي عالمي معاشي طاقت بڻجڻ ۾ مضبوط ۽ بااختيار مڪاني حڪومتن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ بلدياتي ادارن کي وسيلا ۽ اختيار نه ملڻ سبب معاشي ترقي گهربل رفتار حاصل نه ڪري سگهي آهي.اسد عمر موجب عام تاثر اهو آهي ته چين ۾ سڀ فيصلا صرف مرڪزي حڪومت يا ڪميونسٽ پارٽي ڪندي آهي، پر حقيقت ۾ مجموعي پاليسي سازي مرڪز ۾ ٿيندي آهي، جڏهن ته ترقياتي منصوبن، سيڙپڪاري ۽ معاشي سرگرمين تي عملدرآمد جو وڏو بار مڪاني حڪومتون کڻنديون آهن.هن چيو ته مضبوط بلدياتي نظام مقامي سطح تي ترقي، سيڙپڪاري ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿو.