ڊاڪٽر ماه نور تي تيزاب گردي واري واقعي بعد بلوچستان حڪومت ۽ ينگ ڊاڪٽرن ۾ ڇڪتاڻ، 23 ڊاڪٽر معطل

ڪوئيٽا: ڊاڪٽر ماه نور تي تيزاب گردي واري واقعي کان پوءِ بلوچستان حڪومت ۽ ينگ ڊاڪٽرن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. واقعي خلاف ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن طرفان سرڪاري اسپتالن ۾ هڙتال ڪئي وئي، جنهن تي حڪومت سخت ڪارروائي ڪندي 23 ڊاڪٽرن کي معطل ڪري ڇڏيو.بلوچستان صحت کاتي موجب هڙتال ۾ شامل 25 ڊاڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته احتجاج ۾ حصو وٺندڙ 4 پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن جي ٽريننگ پڻ معطل ڪئي وئي آهي.صحت کاتي معطلي جا نوٽيفڪيشن ۽ شوڪاز نوٽيس باقاعدي طور جاري ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي پاسي ينگ ڊاڪٽرز ڊاڪٽر ماه نور تي تيزاب گردي واري واقعي خلاف احتجاج جاري رکيو ويٺا آهن ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي جلد گرفتاري جو مطالبو ڪري رهيا آهن.واقعي ۽ ان کان پوءِ ٿيندڙ انتظامي ڪارروائين سبب حڪومت ۽ ينگ ڊاڪٽرن وچ ۾ اختلاف وڌيڪ گهرا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. تجزيه نگارن موجب حڪومت کي معطلي کان اڳ ينگ ڊاڪٽرن سان ڳالهيون ۽ اعتماد سازي جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن ها، جڏهن ته اصل ڌيان ڊاڪٽر ماه نور ڪيس جي شفاف جاچ ۽ جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي هجڻ گهرجي.