ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٿاڻي تي حملو ناڪام، پوليس جي بروقت ڪارروائي

خيبر پختونخوا جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس ٿاڻي يارڪ تي ٿيل حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. اختيارين موجب رات جي اونداهي ۾ نامعلوم هٿياربندن ٽي مختلف پاسن کان ٿاڻي کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جديد هٿيار استعمال ڪيا.
پوليس ترجمان مطابق ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن فوري طور تي جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن سبب حملي آور پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ پوءِ فرار ٿي ويا. فائرنگ جو تبادلو لڳ ڀڳ 40 منٽن تائين جاري رهيو.رپورٽن موجب بروقت حڪمت عملي ۽ پوليس جي مضبوط پوزيشننگ سبب ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو ۽ سڀ اهلڪار محفوظ رهيا. واقعي بعد اعليٰ پوليس اختيارين صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اهلڪارن جي بهادري ۽ فرض شناسي کي ساراهيو.هي واقعو اهڙي وقت پيش آيو آهي جڏهن خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن۔