اسلام آباد: پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي مذمت ڪندي، ردعمل طور ڀاڙن ۾ 4 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته وفاقي حڪومت طرفان ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ هر پاڪستاني شهري کي متاثر ڪندي آهي، انهيءَ سبب اسان ڀاڙن ۾ 4 سيڪڙو اضافو ڪريون ٿا.
صدر الائنس زور ڀريو ته وفاقي ۽ پنجاب حڪومت ٽرانسپورٽر کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته تازو هڙتال دوران ڪيل معاهدن تي عمل نه ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ضمانت به شامل هئي.
ملڪ شهزاد اعواڻ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت معاهدن تي عمل نه ڪندي ته اسان ٻيهر سموري ملڪ ۾ هڙتال ڪنداسين، ۽ سموري نقصان جي ذميواري وفاقي ۽ پنجاب حڪومت تي هوندي.
ياد رهي ته وفاقي حڪومت تازو ڊيزل جي قيمت ۾ 11 روپيه 30 پئسا في ليٽر اضافو ڪري 268 روپيه 38 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت 253 روپيه 18 پئسا برقرار آهي.