اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آهي ته گذريل ڏينهن ڏکڻ لبنان ۾ ٿيل جهيڙن ۽ هڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ سندس ٻه فوجي اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته چار ٻيا سخت زخمي ٿي پيا.اسرائيلي فوج موجب مارجي ويلن ۾ 34 ورهين جو ڪمانڊر ميجر هارل بيرن اسٽاڪ ۽ 33 ورهين جو سارجنٽ ميجر تامير واڪنين شامل آهن. فوجي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻئي اهلڪار ڏکڻ لبنان جي مجدل زون واري علائقي ۾ پيش آيل ڌماڪي جي زد ۾ اچي فوت ٿيا.وجي ترجمان موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل چئني اهلڪارن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.ٻئي طرف اسرائيلي فوج پاران ڏکڻ لبنان جي مختلف علائقن ۾ فوجي ڪارروايون ۽ حملا اڃا تائين جاري آهن.