بلوچستان جي ضلعي ژوب ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 16 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ٻيا زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب حادثو ضلعي شيراني جي علائقي ۾ پيش آيو، جتي تيز رفتاري سبب موڙ تي بس بي قابو ٿي گهري کاهي ۾ ڪري پئي. شروعاتي اطلاعن موجب حادثي جو امڪاني سبب بريڪ فيل ٿيڻ ٻڌايو پيو وڃي.حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس، ضلعي انتظاميه ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون.ڊپٽي ڪمشنر ژوب موجب ابتدائي اطلاعن مطابق حادثي ۾ 16 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿيا آهن، جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ويجهن اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.اختيارين موجب امدادي ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته حادثي جي سببن بابت جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي. وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻ تي جاري ڪيا ويندا.