کراچی میں ریبیز کا ایک اور کیس، کتے کے کاٹنے کے بعد ویکسین نہ لگوانے والی خاتون تشویشناک حالت میں

ڪراچي: جناح اسپتال ڪراچي ۾ ريبيز جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون آيو آهي، جتي نارٿ ڪراچي جي رهواسي 28 ورهين جي عورت کي ريبيز جي علامتن سان علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي.

جناح اسپتال جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر عرفان موجب متاثر عورت کي لڳ ڀڳ ڏيڍ مهينو اڳ ڪتي چڪ هنئي هئي، پر هن وقت سر ريبيز کان بچاءَ واري ويڪسين نه لڳرائي، جنهن سبب وائرس جسم ۾ پکڙجي ويو.

ڊاڪٽر عرفان ٻڌايو ته عورت ۾ دماغ جي سوزش (برين انفڪشن) جون علامتون به ظاهر ٿي چڪيون آهن ۽ سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سندس چوڻ موجب هلندڙ سال جناح اسپتال ۾ ريبيز جو هي ڇهون ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

طبي ماهرن شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڪتي يا ڪنهن به آوارا جانور جي چڪ لڳڻ جي صورت ۾ فوري طور اسپتال وڃن ۽ ريبيز کان بچاءَ واري ويڪسين ۽ مڪمل حفاظتي ڪورس ضرور مڪمل ڪرائين، ڇاڪاڻ⁠تہ وقت سر علاج ئي هن جان ليوا بيماري کان بچاءَ جو مؤثر طريقو آهي.