ڪالاباغ ڊيم تي تڪرار، ڄام خان شورو علي امين گنڊاپور جي بيان کي غير مناسب قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان کي تڪراري قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔پنهنجي هڪ بيان ۾ ڄام خان شورو چيو ته موجوده حالتن ۾ اهڙيون تجويزون يا بيان ڏيڻ مناسب نه آهن، ڇو ته ملڪ اڳ ئي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن جو شڪار آهي۔ هن واضح ڪيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به بند ۾ ڪٽ نه هنيو پيو وڃي ۽ حڪومت متاثرين لاءِ رليف سرگرمين تي ڌيان ڏئي رهي آهي۔رليف ڪيمپس ۽ حفاظتي قدمآبپاشي واري وزير جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڪچي جي علائقن ۾ متاثر ماڻهن لاءِ رليف ڪيمپس قائم ڪيا آهن ۽ ايندڙ هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ ٻوڏ جي پاڻي جي صورتحال واضح ٿي ويندي۔ان موقعي تي زراعت واري وزير محمد بخش مهر به چيو ته گهوٽڪي ۽ اوٻاوڙو جي 16 علائقن مان ماڻهن کي منتقل ڪيو پيو وڃي، جتي 5 رليف ڪيمپس ۽ 3 جديد موبائل اسپتالون متاثرن کي سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن۔ ان سان گڏ قادرپور شينڪ بند جي حساس هنڌن تي مرمتي ڪم جاري آهي۔علي امين گنڊاپور جو مؤقفياد رهي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته ڪالاباغ ڊيم مان پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه سڀئي فائدو وٺي سگهن ٿا۔ سندس چوڻ هو ته سنڌ کي جيڪڏهن ڪالاباغ تي مسئلا آهن ته ڳالهين وسيلي حل ڪيا وڃن، ڇو ته هي منصوبو ملڪ جي ضرورت آهي ۽ سياست جي ڪري رڪيل آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته اهڙو ڊيم نه ٺاهڻ ملڪ ۽ ايندڙ نسلن سان زيادتي برابر آهي۔