جمهوريه ڪانگو ۾ ايبولا وائرس جا ڪيس مسلسل وڌي رهيا آهن، جنهن سبب صحت جا اختيارين ۽ عالمي ادارا سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن.ڪانگو جي صحت کاتي جي تازي رپورٽ موجب ايبولا وائرس سبب فوتين جو گڏيل انگ 438 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ وڌي هڪ هزار 406 ٿي ويو آهي.صحت اختيارين جو چوڻ آهي ته وائرس جي وڌيڪ پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ متاثر علائقن ۾ نگراني، اسڪريننگ ۽ جلد سڃاڻپ جا انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا آهن، جيئن نون مريضن کي فوري طور سڃاڻي قرنطينه ڪيو وڃي.عالمي اداري براءِ لڏپلاڻ (آءِ او ايم) موجب ايبولا جي وبا آفريقا جي مصروف سرحدي علائقن ۾ پکڙجي رهي آهي، جتي هر روز هزارين ماڻهو روزگار، علاج، تحفظ ۽ پنهنجن گهرڀاتين سان رابطي لاءِ اچ وڃ ڪن ٿا. اداري جو چوڻ آهي ته انساني آمدرفت جي مؤثر نگراني وبا جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ انتهائي اهم آهي.آءِ او ايم موجب هن وقت تائين 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي طبي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سرحدي چوڪين، اهم شاهراهن ۽ سفري رستن سميت 110 کان وڌيڪ داخلا ۽ نڪرڻ وارن هنڌن تي نگراني ۽ سهڪار جو عمل جاري آهي.