ڪاهنه سانحي کانپوءِ وڏو فيصلو، سڀني ٽيوشن ۽ ڪوچنگ سينٽرن کي 3 ڏينهن اندر رجسٽر ڪرڻ جو حڪم

لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ گهر اندر قائم ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪرڻ سبب 14 معصوم ٻارن جي المناڪ فوتگين کانپوءِ تعليم کاتي اهم فيصلو ڪندي گلي محلن ۾ هلندڙ سڀني ٽيوشن ۽ ڪوچنگ سينٽرن کي ٽن ڏينهن اندر رجسٽر ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.تعليم کاتي ۽ ان جي ماتحت ادارن موجب رجسٽريشن ذريعي اهڙن مرڪزن جي نگراني، حفاظتي انتظامن ۽ قانوني حيثيت کي يقيني بڻايو ويندو، جيئن مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کان بچي سگهجي.واضح رهي ته حادثي کانپوءِ تعليم کاتي جي سربراهه طارق محمود چيو هو ته گهرن ۾ قائم ٽيوشن سينٽرن جي رجسٽريشن يا نگراني لاءِ اڳ ڪو باقاعده نظام موجود نه هو.