لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ ٽيوشن سينٽر ۾ پيش آيل افسوسناڪ سانحي جي شفاف جاچ لاءِ حڪومت کي عدالتي انڪوائري ۽ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جي باقاعده درخواست موڪلي وئي آهي.تفصيل موجب هڪ نامياري وڪيل گورنر پنجاب، وڏي وزير پنجاب ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کي موڪليل درخواست ۾ مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي پٺيان موجود انتظامي نااهلي ۽ ذميوار سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڌرين جو تعين ڪيو وڃي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته رڳو عمارت جي مالڪ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ڪافي ناهي، پر غير رجسٽرڊ تعليمي ۽ تجارتي ادارن جي نگراني ۾ ناڪامي ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ريگيوليٽري ادارن جي سنگين غفلت آهي.درخواستگذار موجب شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي آئيني ذميواري آهي، تنهن ڪري متاثر خاندانن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۽ ذميوارن جو احتساب ڪرڻ لاءِ “پنجاب ٽربيونلز آف انڪوائري آرڊيننس 1969” تحت هڪ آزاد ۽ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي.درخواست جون ڪاپيون صدرِ پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان ۽ رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ سميت اعليٰ اختيارين کي پڻ موڪليون ويون آهن ته جيئن معاملي جو نوٽيس وٺي ضروري ڪارروائي ڪئي وڃي.