ڪراچي: بدنام منشيات فروش انمول عرف پنڪي جو ڀاءُ منشيات سميت گرفتار

ڪراچي: جمشيد ڪوارٽرز پوليس ڪارروائي ڪندي بدنام منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي ڀاءُ ڪامران مراد کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب جوابدار وٽان ٻه ڪلو چرس ۽ اڌ ڪلو آئس هٿ ڪئي وئي. جوابدار کي ڳجهي اطلاع تي گهوڙا چورنگي ويجهو گرفتار ڪيو ويو.ابتدائي جاچ موجب ڪامران مراد ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ چرس، آئس ۽ هيروئن جي فراهمي ۾ ملوث هو. پوليس جوابدار وٽان موبائل فون، پرس، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ روڪ رقم پڻ قبضي ۾ ورتي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اڳ به منشيات فروشي جي ڪيسن ۾ جيل وڃي چڪو آهي، جڏهن ته سندس خلاف ٿاڻو جمشيد ڪوارٽرز ۾ منشيات ايڪٽ تحت وڌيڪ ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا آهن۔