ڪراچي جي بربادي ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ جماعت اسلامي به ذميوار آهي: اسلم غوري

ڪراچي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي ترجمان اسلم غوري چيو آهي ته ڪراچي جي موجوده تباهيءَ ۾ صرف پيپلز پارٽي ئي نه پر جماعت اسلامي جي سياست به ذميوار آهي۔پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪمراني ۽ انتظامي نااهلي هر برسات ۾ کلي پئي وڃي ٿي۔ سنڌ جو وڏو وزير ۽ ميئر ڪراچي ٽي وي تي اربين روپين جا منصوبا ۽ وڏا وڏا دعويٰ ته ڪندا آهن، پر هڪ برسات ئي سڀ حقيقتون سامهون آڻي ڇڏيندي آهي۔هن جماعت اسلامي تي به تنقيد ڪندي چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي وچ ۾ ٿيل سودي بازي ڪنهن کان به لڪل ناهي، جنهن سبب شهر جا مسئلا اڃا تائين برقرار آهن۔اسلم غوري وڌيڪ چيو ته ڪراچي ملڪ جو اهو شهر آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ٿو، پر افسوس جو ان شهر جي عوام جو ڪو به پرسان حال ناهي۔ پيپلز پارٽي کان وٺي پي ٽي آءِ تائين سڀني سياسي قوتن ڪراچي سان “ماٽيلي ماءُ” وارو سلوڪ ڪيو آهي، جنهن جو نقصان سڌو عوام کي ڀوڳڻو پيو آهي۔