اسلام آباد: ڪراچي ۾ پوليس آفيس تي ٿيندڙ حملي بابت وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته وفاقي حڪومت رابطي ۾ آهي، سنڌ پوليس کي هر مدد فراهم ڪئي ويندي.خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سان ڳالهايو آهي، پوليس موجب 6 کان 7 دهشتگرد عمارت ۾ داخل ٿيا آهن، پوليس ٻڌايو ته دهشتگردن گاڏي پارڪ ڪرڻ کانپوءِ دستي بم اڇلايو، دهشتگرد دستي بم اڇلائڻ جي آڙ ۾ اندر گهڙيا، اهي عمارت جي ٽين ماڙ تي آهن.سندس چوڻ هو ته سنڌ پوليس جا اهلڪار دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهيا آهن، آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته پوليس اهلڪار ٽين ماڙ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن چيو ته پشاور واقعي کانپوءِ جنرل ٿريٽ موجود آهي، صوبن جا سمورا ادارا متحرڪ ۽ چوڪس آهن، پشاور ۽ هاڻ ڪراچي واقعي کانپوءِ انتظام وڌيڪ بهتر ڪرڻا پوندا.