ڪراچي ۾ دهشتگردي جي عدالت، ٽائون چيئرمين فرحان غني کي عمري تي وڃڻ جي اجازت

ڪراچي: دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت چنيسر ٽائون جي چيئرمين فرحان غني کي سرڪاري ملازم تي تشدد جي ڪيس ۾ عمري جي ادائيگي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي۔ عدالتي رپورٽ موجب ٽائون چيئرمين فرحان غني ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا۔ وڪيل صفائي عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي سڀئي جوابدار حاضري ڏئي چڪا آهن ۽ جوابدارن جي بريت بابت پوليس رپورٽ منظور ڪرڻ جي استدعا پڻ ڪئي وئي۔ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران وڪيل صفائي چيو ته سندس موڪل کي عمري جي ادائيگي لاءِ وڃڻو آهي۔ عدالت جي سوال تي فرحان غني ٻڌايو ته هو سڀاڻي صبح روانو ٿيندو ۽ 19 سيپٽمبر تي واپس ايندو۔ عدالت وڪيل صفائي جي زباني استدعا رد ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس جي رپورٽ جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو۔ ان کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔