ڪراچي: ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي نعيم بخاري گروپ سان لاڳاپيل ٻن مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ محمد جميل انصاري عرف شعيب عرف چاچا ۽ حماد علي انصاري عرف ذرار عرف ببلو طور ٿي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻئي جوابدار 2015ع کان روپوش هئا ۽ مبينا طور شهر ۾ ٻيهر پنهنجو سليپر سيل منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
سي ٽي ڊي موجب محمد جميل انصاري مبينا طور افغانستان مان آءِ اي ڊي (IED) ۽ سرڪٽ ٺاهڻ جي تربيت حاصل ڪئي، جڏهن ته حماد علي انصاري تي به ڪيترن ئي دهشتگردي وارن ڪيسن ۾ ملوث هجڻ جا الزام آهن.
ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ڪراچي ۾ دهشتگردي، آءِ اي ڊي حملن ۽ اهم شخصيتن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هئا. پوليس موجب انهن خلاف 2013ع ۾ ڪورنگي ۾ رينجرز جي گاڏي تي آءِ اي ڊي حملي، ڪراچي ايئرپورٽ حملي واري ڪيس ۽ 2015ع ۾ ريپڊ رسپانس فورس جي ٽرڪ تي موٽرسائيڪل بم حملي سميت مختلف ڪيس داخل آهن.
سي ٽي ڊي موجب جوابدارن وٽان چار بارودي سليب، پنج ڊيٽونيٽر، 10 ميٽر پرائما ڪارڊ، هڪ ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائس ۽ پستول جا پنج ميگزين پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.
سي ٽي ڊي جوابدارن خلاف دهشتگردي ۽ هٿيارن واري قانون تحت نوان ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اختيارين موجب جاچ دوران وڌيڪ اهم انڪشاف سامهون اچڻ جو امڪان آهي.