شهر قائد ڪراچي ۾ هيڊي ٽريفڪ جي بي قابو رفتار سبب ٽريفڪ حادثن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻن مختلف واقعن ۾ هڪ 10 ورهين جي ٻار سميت ٻه ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا.پهريون افسوسناڪ واقعو ڪورنگي بلال ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي ريت سان ڀريل تيز رفتار ٽرڪ گلي ۾ راند ڪندڙ 10 ورهين جي ٻار صديق حسين کي ڪچل ڏئي ڇڏيو. ريسڪيو عملدارن موجب ٻار موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڊرائيور حادثي بعد ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو، پر پوليس گاڏي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ٻيو حادثو ناگن چورنگي ويجهو پيش آيو، جتي هڪ تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل سوار کي ڪچل ڏئي ڇڏيو، جنهن سبب هو به موقعي تي فوت ٿي ويو. ڊمپر ڊرائيور پڻ فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.پوليس موجب ٻنهي واقعن جي ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي، ۽ هلندڙ سال هينئر تائين 480 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 5750 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، جنهن تي شهري حلقن ۾ سخت ڳڻتي پائي وڃي ٿي۔