ڪراچي: لي مارڪيٽ واري علائقي ۾ 6 ورهين جي محمد ولي کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو. پوليس موجب ٻار جو لاش ٻوري ۾ بند حالت ۾ گهر ڀرسان مليو، جڏهن ته علائقي واسين جوابدار حمزا کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ڊي آءِ جي سائوٿ موجب شروعاتي جاچ ۾ جوابدار تي ٻار سان جنسي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. وارثن جوابدار کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.