ڪرمپور پوليس ٿاڻي جي حد مانڌاڻي چوڪي وٽ پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ شھيد ٿيل بيگناھ نوجوان غلام حسين جعفري جا قاتل گرفتار نھ ٿي

ڪرمپور پوليس ٿاڻي جي حد مانڌاڻي چوڪي وٽ پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ شھيد ٿيل بيگناھ نوجوان غلام حسين جعفري جا قاتل گرفتار نھ ٿي سگھيا سندس جا معصوم ٻارڙا پنھنجي ابي کي صبح شام ساري اکين جا نير سڪائي ويٺا پوليس وردي ۾ لڪيل قاتلن کي پوليس جي پٺڀرائي وارث پنھنجي پياري جي قاتلن جي گرفتاري لاء سراپا احتجاج بڻيل ـ تفصيل موجب پندرھن ڏينھن اڳ پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ ڳوٺ محمد امين جعفري جي رھواسي نوجوان غلام حسين جعفري کي بنا ڪنھن ڏوھ جي معصوم پٽ ۽ سندس جي ويجھن عزيزن سامھون بيدردي سان ايس ايڇ او شبير ڀيو پوليس اھلڪار ڪريم بخش عرف ڪي بي ڏاھاڻي ۽ ٻين بنا جواز سڃاڻپ ڪرائڻ بعد به کين گولين جو کاڄ بڻايو وارثن مسلسل احتجاج ڪري اعلي اختيارين سميت علائقي جي چونڊيل نمائندن جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر وارثن جي دانھن جي داد رسي نه ڪئي وئي ڳوٺاڻن پنھنجي پياري جي قاتلن جي گرفتاري لاء محمد امين جعفري محمد جمن جعفري عبدالجبار جعفري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته قاتلن کي بنا دير جي گرفت ۾ آڻي نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ھنن چيو ته قاتل اڃا به علائقي جي معززين کي اسان جي تڏي موڪلي ٺاھ لاء زور ڀرين ٿا پر اسان انھن کي ڪڏھن به بخش نه ڪنداسين ھنن چيو ته صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي سردار مير محبوب علي خان بجارڻي به اسان سان مڪمل ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو پر ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ عرفان سمون ڪن لاٽار ڪري اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي پيو اسان جو احتجاج ھاڻ وڌيڪ ٻئي مرحلي ۾ ٿيندو جيڪو ڪنڌ ڪوٽ لڳ ڪوھ نور فلور مل وٽ انڊس ھاء وي کي بند ڪري قاتلن جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو اسين سنڌ جي وزير اعلي آء جي سنڌ سميت چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪريون ٿا ته ھو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي شھيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي