ڪرڪ (نمائندو) خيبرپختونخواهه جو ضلعو ڪرڪ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خوفناڪ واقعي سان لرزي اٿيو، جتي بانڊه دائود شاهه جي علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن پوليس جي گشت واري گاڏي کي نشانو بڻايو. تفصيل موجب دهشتگردن پوليس موبائيل تي اوچتو اندهاڌند فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي ۽ ان ۾ سوار ايس ايڇ او عمر نواز پنهنجي ٻن بهادر ساٿي ڪانسٽيبلن سميت ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا. ترجمان ڪرڪ پوليس موجب اهو افسوسناڪ واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن ايس ايڇ او عمر نواز معمول جي گشت تي پنهنجي ٻن ساٿي اهلڪارن سان گڏ نڪتل هو. دهشتگردن جي فائرنگ ايتري شديد هئي جو اهلڪار کي جوابي ڪارروائي جو موقعو ئي نه ملي سگهيو. واقعي کان پوءِ علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهيد اهلڪارن جا جسد خاکي قريبي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن موجب دهشتگردن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.