ايئر ڪارگو ڪنٽرول يونٽ ڪسٽمز ايئرپورٽ وڏي ڪارروائي ڪندي انٽرنيشنل ميل آفيس ۾ ٿائيلينڊ مان آيل ٻن مشڪوڪ پارسلن مان ڪروڙين رپين جي ماليت واري منشيات هٿ ڪري اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ڪسٽمز اختيارين موجب اسڪريننگ دوران ٻنهي پارسلن کي مشڪوڪ قرار ڏئي انهن جي تفصيلي تلاشي ورتي وئي، جنهن دوران پارسلن مان لڪائي رکيل 12 ڪلو گرام ميريجوانا هٿ آئي. هٿ آيل منشيات جي مجموعي ماليت 36 ڪروڙ 62 لک رپيا ٻڌائي وئي آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي ٽپال ذريعي منشيات اسمگل ڪرڻ جي وڏي ڪوشش کي بروقت ڪارروائي سان ناڪام بڻايو ويو. ڪسٽمز منشيات پنهنجي قبضي ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن اسمگلنگ نيٽ ورڪ ۽ ان ۾ ملوث جوابدارن تائين پهچي سگهجي.