ڪشمور شهر ۾ ڪوشو برادري جي ٻن سڳن ڀائرن، اسرار احمد خان ڪوشو ۽ احسان احمد خان ڪوشو، جي وچ ۾ ٽي سال اڳ زمين جي تڪرار سبب ٿيل فائرنگ جو معاملو صلح سان ختم ٿيو. ٽي سال اڳ جي هن واقعي ۾ احسان احمد خان ڪوشو جو پٽ جاويد خان ڪوشو شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سندس ٻيو پٽ جميل احمد سخت زخمي ٿيو. اسرار احمد خان ڪوشو جي ڌر جا چار ماڻهو پڻ زخمي ٿيا، جن ۾ منظور خان ڪوشو، عبدالحميد چانڊيو، ظهور ڪوشو، ۽ آصف بروهي شامل هئا. هن قتل ۽ زخمين واري معاملي جو فيصلو وفاقي پارلياماني سيڪريٽري براءِ مذهبي امور ۽ قومي اسيمبلي جي رڪن، سردار شمشير علي مزاري جي سربراهيءَ ۾ روجھاڻ مزاري جي رهائشگاه تي ٿيو. فيصلي ۾ ميان عبدالحسيب قادري ۽ مير سرادر غالب حسين ڊومڪي جي وچ ۾ ٻنهي ڌرين کي ويهاري ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي.
مشاورتي ڪميٽي، جنهن ۾ ڊاڪٽر شاهنواز خان چاڪراني، ميان حسيب قادري، ميان يوسف رسول قادري، يعقوب خان بالاچاني، ۽ البيلو خان دولاڻي شامل هئا، ٻنهي ڌرين جا بيان غور سان ٻڌڻ کان پوءِ صلح جي سفارش ڪئي. سردار شمشير علي مزاري فيصلي موجب فائرنگ ۾ زخمي ماڻهن لاءِ هرجانو 15 لک روپيا ۽ قتل لاءِ مجموعي طور 1 ڪروڙ 50 لک روپيا مقرر ڪيو. ٻنهي ڌرين فيصلي تي راضي ٿي ويون، ۽ اسرار خان ڪوشو پنهنجي ڀاءُ احسان خان ڪوشو کان معافي ورتي، جڏهن ته احسان خان ڪوشو پنهنجي پٽ جي قتل جو قصاص معاف ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين جو ڳلي ملڻ ۽ ڀرچونڊي شريف جي شهزادن پاران دعاءِ خير سان ماحول انتهائي رقّت انگيز بڻجي ويو. اهڙيءَ طرح ٽي سال پراڻي خوني تڪرار جو پُرامن انجام ٿيو.