تفصيل موجب غوثپور لڳ ڳوٺ محمد صابر اوڳاھي ۾ نوجوان وقار احمد اوڳاهي گهرو اڻبڻت تان گلي ۾ لوئي وجھي وڻ سان ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو اهڙو اطلاع ملندي ئي سندس جا گهر ڀاتي واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو وڻ مان لاھي ورتو نوجوان جو لاش جڏھين گهر نيو ويو ته سندس جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ امڙ بيھوش ٿي ويئي۔ مرحوم حافظ قران ھيو ۽ مدرسي ۾ ٻارن کي ديني تعليم ڏيندو ھيو۔ علائقي ۾ چئوٻول آھي ته نوجوان جي گھر ۾ پنھنجي ڀائرن سان ڪنھن مسئلي تي منھن ماري ٿي ھئي جنھن تي ھن ڪروڌ ۾ اچي پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو