ڪنڌڪوٽ: آرٽيفيشل ايجنسيز ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل قانون جي گرفت کان آزاد پوليس تي حملو ڪرڻ جو سندراڻي برادري جي 51 ڄڻن تي ڪيس داخل قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس يو پي جو 36 ڪلاڪن کان ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو جاري آهي سندراڻي برادري جي ھٿان آء بي اي جي پروفيسر شھيد اجمل خان ساوند جا قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا روشن ٻرڙو دلمراد ڏاھاڻي جو صحافين سان ڳالهيون خبر موجب؛ ڪنڌ ڪوٽ ڄائو آرٽيفیشل ايجنسيز ۾ پي ايڇ ڊي ڪري واپس سنڌ اچي پنهنجن کي پڙھائڻ لاءِ ايندڙ پروفيسر اجمل ساوند کي نو ڏينهن اڳ اباڻي ڳوٺ کان واپس آءِ بي اي يونيورسٽي ويندڙ قتل ڪيو ويو جنهن جا قاتل پوليس اڃان تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس يو پي جو 36 ڪلاڪن کان ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو، جڳديش ڪمار آھوجا، غلام مصطفيٰ چانڊيو، ظريت ساگر بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، شاھنواز مرھیٽو، ڇوٽو خان جکراڻي، اصغر شيخ، حاجي الطاف حسين بنگوار، رحمدل لاشاري، غلام علي سبزوئي، فضل سبزوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو جاري رھيو سوين ڪارڪنن رات به ڌرڻي ۾ شامل رھيا سياسي سماجي اڳواڻن اڪرم باجڪاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، مير فائق علي خان جکراڻي، سجاد بروھي ۽ ٻيا به ڌرڻي ۾ شامل ٿيا انھي موقعي تي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو دلمراد ڏاھاڻي اڪرم باجڪاڻي سجاد بروھي ء ٻين صحافين سان ڳالھائيندي ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پوليس قتل ٿيل سنڌ جي شعور پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھي آهي قاتل ۽ ڏوھاري طاقتور بڻجي ويا آهن ڪنڌڪوٽ ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، گھوٽڪي ۾ ڏوھارين جا سرپرست سردار، ڀوتار بڻيل آهن جنهن ڪري امن امان تباھہ ٿي رھيو آهي امن امان نه ھجڻ ڪري انھي وقت به جيڪا دوستن ۽ ميڊيا کان ڄاڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ مان 20 کان وڌيڪ ماڻھو اغوا ٿيل آھن قبيلائي تڪرار ۾ بيگناہ انسانن جو قتل عام ٿي رھيو آهي پر پوليس به قاتلن ۽ ڏوھاري آڏو بي بس نظر اچي ٿي جنهن ڪري اسین اتر سنڌ ۾ جيڪا صورتحال آهي انھي لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ڪريون ٿا ته پاڻ مرادو نوٽيس وٺي قاتلن، ڏوھارين، سرپرستن خلاف ٻين سيڪیورٽي ادارن کان ڪم وٺي امن دشمنن کي ناس ڪري سنڌ ڌرتي تي امن قائم ڪرايو وڃي ٻئي پاسي پوليس قاتلن جي گرفتاري لاءِ چڙھائي ڪئي تي پوليس مٿان سندراڻي برادري جي ماڻھن حملو ڪيو پوليس ٿاڻي گھوڙا گھٽ تي سندراڻي برادري جي 51 ڄڻن تي دھشتگردي ايڪٽ جو پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،