ڪنڌڪوٽ : ايس ايس پي آفيس ۾ وفاقي وزير سردار احسان الرحمن مزاري ھندو پنچائت جي اھم اڳواڻ سيٺ نند لالا سان گڏجي آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان ملاقات ڪئي ـ وفاقي وزير سردار احسان الرحمن مزاري ملاقات دوران آء جي سنڌ کي چيو ته بدامني سبب ھندو توڙي مسلم پريشان آهن مکي جڳديش ڪمار سندس جو معصوم ٻار جئي ديپ ڪمار ـ موتي رام ماڙوائي ـ نند لالا ماڙوائي سميت معصوم نينگر عظيم ميڻڪ ـ فرحان سومرو سوڌو ٻيا مغوي ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آهن انهن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ ضلعي مان بدامني کي ختم ڪرايو وڃي ـ وفاقي وزير کي آء جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته مون ان سلسلي ۾ ايس ايس پي عرفان سمون کي ھدايتون ڏنيون آهن