ڪنڌڪوٽ (عبدالخالق چاچڙ): ڪنڌڪوٽ لڳ سي سيڪشن ٿانهه جي ايس ايڇ او علي نواز سبزوئي خلاف مبينا زيادتيون ٿيڻ جي الزام تي بنگوار برادري احتجاج ڪيو. مظاهرين هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ گهرن، اوطاقن جي ڀڃ ڊاهه تي سخت احتجاج ظاهر ڪيو. مظاهرين جا الزام گائوَن گلزار بنگوار وارن چيو ته ايس ايڇ او علي نواز سبزوئي پوليس نفري سان گڏ گائوَن تي چڙهائي ڪئي، اوطاق ۽ گهر ڀڃي لکين روپين جو نقصان ڪيو. مظاهرين موجب، هي پهريون واقعو ناهي، ڏهن ڏينهن اڳ به پوليس گائوَن تي چڙهائي ڪري نقصان ڪيو هو. مظاهرين چيو: “اسان ڪو ڏوهاري نه آهيون. پوليس اسان تي زيادتيون ڪري رهي آهي، پئسا گهرجن پيا، اسان مسڪين آهيون، پئسا ڪٿان وٺون؟ ان ڪري اسان جي گائوَن تي ٻيهر حملو ڪيو ويو ۽ لکين روپين جو نقصان ٿيو.” مطالبا گائوَن وارن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان انصاف چاهيون ٿا ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل آهي ته واقعو نوٽيس وٺي پوليس جي زيادتيون ختم ڪري. مظاهرين چيو ته جيڪڏهن گهرجي ته پاڻ به پيش ٿي وينداسين.