ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ڪرمپور لڳ ڳوٺ محمد امين جعفري وٽ صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي تڏي تي پھچي مقتول شھيد غلام حسين جعفري جي وارثن سان عذرخواھي ڪئي مقتول جي وارثن سان ملاقات ڪئي ء خاطري ڪرائي ته توهان سان انصاف ٿيندو ڪرمپور لڳ مانڌاڻي چوڪي وٽ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ شھيد ٿيل نوجوا غلام حسين جعفري جي وارثن سان انصاف نه ٿيو قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدارن پاران ميڙ منٿ جو سلسلو جاري ڳوٺ محمد امين جعفري ۾ ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايس ايڇ او شبير احمد ڀيو پاران علائقي جي معززين جنھن ۾ جتوئي چاچڙ برادري جي معززين سميت ٻين کي ٺاھ لاء ميڙ منٿ جو قافلو موڪليو جنھن بعد شھيد جي وارثن معززين اڳيان ٺاھ لاء پھريون شرط رکيو ته نوجوان کي شھيد ڪرائڻ لاء مخبر جو نالو ۽ ذات ظاھر ڪيو وڃي جنھن بعد ڳالھيون ڪنداسين ان کان بعد ميڙ منٿ قافلو بنا ڪنھن نتيجي جي واپس روانو ٿي ويو ٻئي طرف مقتول جي وارثن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيستائين قاتل گرفتار نھ ٿيندا تيستائين انھن کي بخش نه ڪيو ويندو