ڪنڌڪوٽ : شھر جي غريب آباد پاڙي جارھواسي 2 نينگردوست سجاد ميراڻي ۽ ذاڪرسومرو پراسرارنموني لاپتا ٿي

ڪنڌڪوٽ : شھر جي غريب آباد پاڙي جارھواسي 2 نينگردوست سجاد ميراڻي ۽ ذاڪرسومرو پراسرارنموني لاپتا ٿي ويا وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪري ڇڏيو ٻئي دوست نينگر گذريل ڏينھن شام جو 6 بجي گھران پاڻي ڀرڻ لاء نڪتا ته واپس نه ٿيا لاپتا ٿيل ٻن نينگرن سجاد ميراڻي ۽ ذاڪر سومرو جا وارث سخت پريشان آھن ٻنھي نينگرن جي لاپتا ٿيڻ جو سندس جي وارثن حد ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏيئي ڇڏيو آهي