ڪنڌڪوٽ: قبيلائي دھشتگردي جي آڙ ۾ قتل ٿيل پروفيسر اجمل ساوند جي قتل واري واقعي خلاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مختلف سياسي قومپرستن جماعتن پاران سنڌو نواز گھانگھرو، پنھل ساريو

ڪنڌڪوٽ: قبيلائي دھشتگردي جي آڙ ۾ قتل ٿيل پروفيسر اجمل ساوند جي قتل واري واقعي خلاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مختلف سياسي قومپرستن جماعتن پاران سنڌو نواز گھانگھرو، پنھل ساريو، نصراللّٰه ڪلادي، ظريت بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو مظاھرین قبائلي دھشتگردي خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته سنڌ ۾ قبیلائي جھيڙن جا ذميوار سردار آھن قبيلائي نظام ختم ڪيو وڃي قبيلائي جھيڙن جي ڪري بيگناھه انسانن جو قتل عام ٿي رھيو آھي انھي جھيڙن جي ڪري سند جو ھيرو پروفيسر اجمل ساوند کي به نشانو بڻايو ويو انھن سنڌ حڪومت کان ڪيو ته اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي قبيلائي جھيڙن جي خاتمي لاءِ ایڪشن کنيو ويو وڃي