ڪنڌڪوٽ : لڳ 25 ڏينهن اڳ ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويل نوناري برادري جا ٻھ نوجوان بازياب پوليس پاران مقابلي ڪرڻ جي دعوا مغوين جي وارثن ڀنگ ڀري آزاد ڪرايو زريعا مغوين جي گهر م عيد جھيڙو ماحول

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد م اختيار احمد نوناري جي رھواسي 25 ڏينهن اڳ ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا جنهن کي ڪشمور پوليس پاران بازياب ڪرائي ورتو آهي رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون چيو ته ڀيو گينگ جا ڏوھاري مغوين کي ھڪ ھنڌ کان منتقل ڪري رھيا ھئا زريعن جي اطلاع تي پوليس نفري ساڻ ڪري ڪچي واري علائقي دراني مھر م آپريشن ڪيو ڏوھارين ء پوليس مقابلو ٿيو ڏوھارين پاڻ کي بچائڻ مغوين کي ڇڏي ڏنو مقابلي جي دوران 25 ڏينهن اڳ حسيب نوناري ء عبدالرئوف نوناري کي بازياب ڪرائي ورتو ھن وڌيڪ چيو ته جلد ٻين مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو جنهن جي لاء آپريشن جاري آهي ھوڏانھن زريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مغوين جي بازيابي ڀنگ زريعي ٿي آهي ڪا به پوليس مقابلو ناهي ٿيو آهي جڏهن ته مغوين جي بازيابي تي گهر م عيد جھيڙو ماحول ٿي ويو آهي