ڪنڌڪوٽ رپورٽ: سنڌو درياهه جي ڪنڌڪوٽ لڳ ڪي ڪي بند تي ڪم ڪندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيور، امام الدين ۽ طفيل، هٿياربند ڏوهارين جي زور تي اغوا ڪري ڪچي علائقي ڏانهن کڻي ويا ويا. مقامي ذريعن موجب، علائقي جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، جتي هڪ پاسي ڪچي جا علائقا ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي ڪچي جا ڏوهاري پڪا علائقن مان گذري ڊرائيورن کي اغوا ڪرڻ جي وارداتون ڪري رهيا آهن. ان واقعي سبب مقامي ماڻهو خوف ۽ هراس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ۽ احتجاج طور تي مقامي ٺيڪيدار بند تي هلندڙ ڪم مڪمل طور تي روڪي ڇڏيو آهي.