ڪنڌڪوٽ: پروفيسر اجمل ساوند جي قتل واري خلاف ۽ سندس جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي

ڪنڌڪوٽ: پروفيسر اجمل ساوند جي قتل واري خلاف ۽ سندس جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چئيرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن جو گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ان موقعي تي رياض چانڊيو جو چوڻ ھو تہ پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي سندس جي قتل سان سنڌ جو نقصان ٿيو آهي پروفيسر اجمل ساوند کي قبيلائي جھيڙي جي آڙ ۾ قتل ڪري علم جي لاٽ اجھائي وئي آهي اسين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيون ٿا ته پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي