ڪنڌڪوٽ ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جو شاندار جلسو

جمعيت علماء طاھريہ ڪنڌڪوٽ جي طرفان جامع مسجد فيضانِ مصطفىٰ ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جو روح پرور جلسو منعقد ڪيو ويو، جيڪو مولانا زين العابدين چاچڙ طاھري جي زير نگراني ٿيو۔ جلسي جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان حافظ زاھد حسين ڀٽو ڪئي، جڏهن⁠تہ نعت خوان ڀورل فقير قادري، فقير عبدالسميع چاچڙ غفاري، فقير منظور احمد شيخ طاھري، محمد شعبان ش غفاري ۽ حافظ رياض حسين قاسمي نعتون پيش ڪري ماڻهن کي جھومي وڌو۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي مولانا زين العابدين چيو ته حضور اڪرم ﷺ جي زندگي اسان لاءِ بهترين نمونو آهي، نوجوانن کي گهرجي ته سنت رسول ﷺ کي اختيار ڪري پنهنجي زندگي سنوارين۔ علامه مولانا مفتي مظھر علي سڪندري چيو ته معاشري ۾ علم ۽ علمن سان نفرت وڌي رهي آهي، پر اهلِ سنت جا عالِم رب جي فضل سان امانتدار آهن، کين ڪو نقصان نه پهچائي سگهبو۔ مولانا مفتي مسعود احمد سومرو طاھري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته رسول الله ﷺ فرمايو: “ڪنهن به مسلمان کي هٿ يا زبان سان ايذاءُ نه ڏيو، پنهنجي ٻارن کي حضور ﷺ جي محبت ۽ اهلِ بيت جي محبت سيکاريو، ان ۾ برڪت آهي۔” هن زور ڏنو ته فرقيواريت کي ڇڏي محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏنو وڃي۔ جلسي ۾ صوفي يارمحمد سھرياڻي، صوفي غلام محمد ملڪ طاھري، ضلعي صدر محمد عالم اوڳاھي طاھري، فقير محمد حسن قمبراڻي، حاجي منصب علي سھرياڻي ۽ جماعت اهلِ سنت جا عاشقان رسول وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ آخر ۾ ملڪ جي سلامتي لاءِ دعا خير گهري وئي ۽ لنگر شريف ورهايو ويو۔