ڪنڌڪوٽ پوليس چورن ۽ ڏوھارين جي رستا روڪ نه ڪري سگهي ڪشمور روڊ تي قائم موٽر سائيڪل شوروم جا تالا چور ڀڃي چار موٽر سائيڪلون چوري ڪري ويا موٽر سائيڪل شوروم يونين جو احتجاج روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ھندو تاجر سوڀو مل کان ھزارين روپين جي ڦر واقعي تي شھرين ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد شوروم مارڪيٽ ڪشمور روڊ تي سومر بنگوار جي موٽر سائيڪل جي شوروم جا تالا ڀڃي شوروم ۾ بيٺل نيون چار موٽر سائيڪلون اڻڄاتل چور ڪاھي ويا پوليس شھر ۾ ايتري واردات ٿيڻ جي باوجود ڪجھ نه ڪيو شوروم يونين پاران متاثر شوروم جي سامھون ڪشمور روڊ تي واقعي خلاف احتجاج ڪندي شھر طرف ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪڻ لاءِ ڌرڻي ھڻي ويھي رھيا ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ شوروم يونين جي اڳواڻن اشفاق مري، شاھنواز مرھيٽو، سومر بنگوار سميت ٻين چيو ته پوليس پاڻ ڏوھارين جي ساٿاري آهي ته ڏوھاري ۽ چور بي خوف ٿي لٽي ۽ ڦري رھيا آهن اسين چوري ٿيل سامان جي واپسی جو مطالبو ڪيون ٿا چورن ۽ ڏوھارين جي ساٿاري پوليس اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سومر تي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو لڳايو ويندو ٻئي طرف ڪنڌڪوٽ جي مشهور بارداڻي وارو سوڀو مل کان ڏینھن ڏٺي جو ھٿياربندن روڪي ڦرلٽ ڪري ويا ھزارين روپيا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا واقعي تي شھرين ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو،