بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئٽه ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي جلسي جي اختتام تي زوردار ڌماڪي سبب گهٽ ۾ گهٽ 14 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 20 شهري زخمي ٿي پيا، جن مان ڪيترا جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪو شاهواني اسٽيڊيم ڀرسان ٿيو دهشتگردي جو هي واقعو سرياب روڊ تي واقع شاهواني اسٽيڊيم ۾ بي اين پي جي جلسي جي پڄاڻي تي پيش آيو. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتيون، جتان زخمين کي سول اسپتال ڪوئٽه منتقل ڪيو ويو. بي اين پي ترجمان: “اختر مينگل جي گاڏي گذرڻ کان پوءِ ڌماڪو ٿيو” بي اين پي جي ترجمان ساجد ترين موجب، “جڏهن پارٽي اڳواڻ اختر مينگل جي گاڏي جلسي مان نڪتي، تڏهن ئي زوردار ڌماڪو ٿيو.” هن ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ “پارٽي جا 13 ڪارڪن شهيد ٿيا”، جڏهن ته ڪيترائي ٻيا زخمي آهن، جن ۾ اڳوڻا اسيمبلي ميمبر، اڳواڻ ۽ پوليس اهلڪار شامل آهن. اسپتال ذريعن: پنج زخمي خطرناڪ حالت ۾ سول اسپتال ڪوئٽه جي ذريعن موجب، هينئر تائين 14 فوتگيون تصديق ٿيل آهن، جڏهن ته زخمين مان 5 جي حالت نازڪ آهي، جن کي اي سي يو ۾ رکيو ويو آهي. وڏي وزير سرفراز بگٽي جي مذمت ۽ جاچ جو حڪم بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته: “هي انسانيت دشمنن جي بزدلاڻي ڪارروائي آهي، شرپسند معصوم شهرين جي رت سان کيڏي رهيا آهن، اهڙن عملن کي هر صورت ۾ ناڪام بڻايو ويندو.” هن زخمين لاءِ بهترين طبي سهولتن جي هدايت جاري ڪندي، اعليٰ سطحي جاچ ۽ ذميوارن جي گرفتاري لاءِ جاچ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.