نيروبي (ويب ڊيسڪ): ڪينيا جي اترين علائقي ۾ هيليڪاپٽر حادثي جي نتيجي ۾ ايڪواڊور جو انٽيليجنس چيف ميشيل سينسي ڪونٽيجي، سندس گهرواري ۽ 5 آمريڪي شهري سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب، حادثو اربع ڏينهن سامبورو ڪائونٽي ۾ مائونٽ اولولوڪوئي جي علائقي ۾ پيش آيو، جتي سياحن لاءِ هيليڪاپٽر ذريعي تفريحي فضائي سفر ڪيو ويندو آهي.
ڪينيا سول ايويئيشن اٿارٽي موجب، هيليڪاپٽر لوئيصابا جي محفوظ وائلڊ لائف علائقي کان درياءِ ايواسو نيرو ڏانهن وڃي رهيو هو ته اوچتو حادثي جو شڪار ٿي ويو.
حادثي ۾ هيليڪاپٽر ۾ سوار سمورا 7 ڄڻا، جن ۾ 6 مسافر ۽ پائلٽ شامل هئا، فوت ٿي ويا.
هلاڪ ٿيلن ۾ ايڪواڊور جو انٽيليجنس چيف ميشيل سينسي ڪونٽيجي ۽ سندس گهرواري اسٽيڦني هولي هان پڻ شامل آهن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي پڻ تصديق ڪئي آهي ته حادثي ۾ 5 آمريڪي شهري فوت ٿيا آهن. ڪينيا جي سول ايويئيشن اختيارين حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.