پشاور: پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ واري معاملي تي پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر مشتاق غني پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پي ٽي آءِ جي درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي هئي.پي ٽي آءِ پنهنجي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جي اعتراضن خلاف اپيل داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو. هاءِ ڪورٽ مان داد رسي نه ٿيڻ جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو.پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪي پي ڪي جي گورنر چونڊن جي لاءِ 8 آڪٽوبر جي تاريخ ڏني آهي. گورنر پهريان 28 مئي تي تاريخ جو اعلان ڪيو پر اليڪشن ڪميشن ان کي نوٽيفاٰءِ نه ڪيو. گورنر طرفان 8 آڪٽوبر جي تاريخ غير قانوني ۽ غير آئيني آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ به فيصلو ڏنو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي. گورنر کي فوري طور تي چونڊن جي لاءِ تاريخ ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي. درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، ڪي پي ڪي جي گورنر ۽ صدر کي ڌر بڻايو ويو آهي.