سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب انتهائي خطرناڪ قرار ڏنل ڪي ڪي بند تي دٻاءُ وڌي ويو آهي۔ صورتحال ان وقت وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، جڏهن هٿياربندن گذريل ڏينهن 12 ميل وٽ ڪم ڪندڙ ٻن ڊرائيورن طفيل احمد ۽ امام الدين کوسو کي اغوا ڪري ورتو۔ واقعي بعد ٺيڪيدارن پاران ڪي ڪي، ٽوڙي ۽ غوثپور بند سميت ڪيترن ئي بندن ۽ مورين جي مضبوطي جو ڪم بند ڪيو ويو هو۔ بهرحال، پوليس، رينجرز، انتظاميا ۽ آبپاشي کاتي جي اختيارين جي تسلي بعد ٺيڪيدارن ڪم ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ ٺيڪيدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر مغوي ڊرائيور بازياب نه ٿيا ته ڪم ٻيهر بند ڪيو ويندو۔ ٻه ڊرائيورز اغوا ٿيڻ بعد بندن تي ڪم ڪندڙ مزدورن ۾ به سخت خوف ۽ پريشاني ڇانيل آهي۔
ڇ