گمبٽ: ڀرسان ڳوٺ سمڻو ۾ اڄڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 3 ڄڻا زخمي، متاثر ڌر جو احتجاج

گمبٽ: ڀرسان ڳوٺ سمڻو ۾ اڏ جي کاٽي تي اڄڻ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنھن دوران ڌڪ لڳڻ سبب پيرسن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جنهن بعد ۾ متاثر ڌر گمبٽ پھچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته کاٽي تي جھيڙو ٿي پيو ۽ واحد بخش اڄڻ، قلندر بخش، محمد شھمير، جنسار ۽ ٻين حملو ڪري 3 ڄڻن بخشل اڄڻ، شمس الدين، محمد دين کي زخمي ڪري ڇڏيو.ھنن چيوته اسان کھڙا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي، اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته انصاف ڪيو وڃي.