سنڌ: هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ٻن شهرين جو پتو نه لڳائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ، صوبائي گهرو کاتي ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ٻن شهرين جي آزادي لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.درخواستگذارن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته سيد خرم علي ڪاظمي ملير سٽي مان پهرين جون کان گم آهي، عمر بن خالد فيروز آباد جي علائقي مان 20 جون کان گم آهي، ٻنهي شهرين کي آزاد ڪرايو و ڃي.گم ٿيل شهرين جو پتو نه لڳائڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي شهرين جي آزادي لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت آءِ جي سنڌ، صوبائي گهرو کاتي ۽ ٻين کان رپورٽ به طلب ڪري ورتي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي ٻن هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.